حاجي علي محمد کوسو

حاجي علي محمد کوسو: حاجي علي محمد ولد خان کوسو'>شادي خان کوسو، 1909ع ڌاري ڳوٺ راڌي کوسي، تعلقي جهنڊي مري، ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ جنم ورتو. هيءُ سنڌي فائينل پاس هو. ڳوٺ دولت لغاريءَ ويجهو ميرپورخاص ۾ سائين صاحب خان لغاريءَ وٽ پڙهيو. سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن هجڻ ڪري ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو ساٿي ٿي رهيو. 1952ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي تعلقي ٽنڊي الهيار جو صدر ٿيو. 1956ع ۾ حيدرآباد ضلعي جو نائب صدر رهيو. انجمن اشاعت العلوم مسڻ جو ميمبر رهيو. 1950ع ۾’ڳوٺ علي محمد کوسو‘ ٻڌائين. 1978ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪيائين. سندس وفات 1979ع ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو